پارليامينٽ مان منظوري کان پوءِ آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام تي ڳالهيون ٿينديون

اسلام آباد: نئين قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي شروعات قرض حدف جي پارليامينٽ مان منظوري کان پوءِ ٿيندو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد سان پاڪستاني اختيارين جي ڳالهين جو اڄ آخري ڏينهن آهي. آءِ ايم ايف سان تازيون ڳالهيون قرض پروگرام جي لاءِ نه هيون. پارليامينٽ کان قرض حدف جي منظوري کان پوءِ آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام تي ڳالهين جي شروعات ٿيندي

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان معيشت جي باري ۾ ڊيٽا حاصل ڪئي آهي ۽ ڊيٽا وصولي کان پوءِ معيشت جو جائزو وٺي بجيٽ جي هيٺ مٿانهين بابت پاڪستاني اختيارين کي ٻڌايو ويندو. نجڪاري ۽ توانائي جي شعبي جي اصلاحات جي حدفن کان به پاڪستاني اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

ايندڙ سال جي لاءِ ٽيڪس وصولين ۽ ايف بي آر اصلاحات جي لائحه عمل کان به آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ حدف ۽ جي هيٺ مٿانهين جي پارليامينٽ مان منظوري کان پوءِ ڳالهيون شروع ٿينديون. اهو پهريون ڀيرو ٿيندو ته پاڪستان ڳالهين کان اڳ آءِ ايم ايف جي سمورن مطالبن تي عمل شروع ڪندو.

ذريعن موجب نئين قرض پروگرام جي لاءِ ڳالهيون جون جي آخر ۾ شروع ٿينديون. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني اختياريون ڪوشش ڪري رهيون آهن ته پهرين جولاءِ کان اڳ معاهدو ٿي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔