بجلي صارفين لاءِ بري خبر، في يونٽ ۾ ڪيتري واڌ ٿي سگهي ٿي؟

اسلام آباد: بجلي صارفين لاءِ بري خبر آهي ته 310 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار وجهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جي درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، سي پي پي اي نئين مالي سال لاءِ پاور پرچيز پرائس مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ايندڙ مالي سال لاءِ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 5 رپيا في يونٽ تائين واڌ جو خدشو آهي، سي پي پي اي درخواست ۾ پاور پرچيز پرائس جا 7 منظر مانا پيش ڪيا آهن، جنهن ۾ پاور پرچيز پرائس لاءِ 25 رپيا 3 پئسا کان 27 رپيا 11 پئسا في يونٽ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

ان درخواست جي منظوري کانپوءِ پاور پرچيز پرائس جو بار 3.58 ٽريلين رپين تائين پهچي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔