خيبرپختونخواهه حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق کان اڳ 24 مئي تي بجيٽ پيش ڪندي

پشاور: خيبرپختونخواهه حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق کان اڳ بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

خيبرپختونخواهه جو ايندڙ مالي سال جو بجيٽ 24 مئي تي پيش ڪيو ويندو. بجيٽ جي منظوري لاءِ ڪابينه جو اجلاس به 24 مئي تي ٿيندو جنهن جي منظوري کان پوءِ ان کي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڪابينه اجلاس ۾ سالياني ترقياتي پروگرام، فنانس بل ۽ صوبائي فنانس ڪميشن جي سفارشن جي منظوري ورتي ويندي.

ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزير آفتاب عالم چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صوبائي حڪومت وفاق کان اڳ بجيٽ پيش ڪندي. اپوزيشن بجيٽ تي تنقيد کان سواءِ مثبت ڳالهيون ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔