وزيراعظم سميت ڪابينا کي هِتي ويهاري لاپتا ماڻهن جو فيصلو ڪرائينداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آبادهاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي متعلق ڪيس ۾ سيڪريٽري دفاع ۽ سيڪٽري داخلا کي اڄ 3 وڳي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ايس ايس پي آپريشنز کي اڄ سيڪٽر ڪمانڊر کان بيان وٺي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن ضرورت پوي ته سيڪٽر ڪمانڊر کي به طلب ڪيو ويندو. هڪ 18 هين گريڊ جي ماڻهو کي اوهان خبر ناهي ڇا بڻائي ڇڏيو آهي. هو ڪو چنڊ تي ناهي رهندو، ڇا وڏي طاقت آهي، انتظار بعد آرڊر ڏيندس اهو اوهان کي گهڻو متاثر ڪندو

سيڪٽر ڪمانڊر جو بيان وٺو. ٻي صورت ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کي طلب ڪندس. ۽ پوءِ وزير اعظم سميت پوري ڪابينا کي هِتي ويهاري انهن کان لاپتا ماڻهن جي معاملي تي فيصلو ڪرائيندس. ٻڌڻي دوران بچاءُ واري وزارت جي نمائندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته مغوي شاعر احمد فرهاد  آءِ ايس آءِ وٽ نه آهي.  عدالت مغوي جي بازيابي نه ٿيڻ تي گھرو ۽ بچاءُ واري سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شاعر احمد فرهاد جي بازيابيءَ لاءِ سندس گهرواري جي دخواست تي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي. شاعر احمد فرهاد جي زال جي وڪيلن ايمان مزاري ۽ ٻين عدالت کي آگاهه ڪيو ته احمد فرهاد اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر ٻاهران گذريل هفتي کان لاپتا ٿيو آهي. 17 مئي تي احمد فرهاد جي واٽس ايپ نمبر تان ڪال آئي جنهن ۾ اسان کي چيو ويو ته درخواست واپس وٺو احمد فرهاد واپس اچي ويندو. جسٽس محسن اختر ڪياني ايس ايس پي آپريشنز کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا احمد فرهاد دهشتگرد آهي؟ ڇا ڀارت کان آيو آهي؟ ڀُنگ لاءِ اغوا ۾ ملوث آهي؟ جنهن تي ايس ايس پي آپريشنز جواب ڏنو نه هو دهشتگرد ناهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ادارا جيڪو ڪري رهيا آهن ان جي سزا سڀني کي ڀوڳڻي پوندي. ايس ايس پي آپريشنز پاڻ مٿان ليبل هٽائي ته اوهان اغوا ڪندا آهيو

مون کي آءِ ايس آءِ کان همراهه جي ٻانهه گھرجي.  بچاءُ وارو سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي،  آئون گرفتاري وارنٽ جاري ڪندس. عدالت بڇاءُ واري وزارت جي نمائندي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان يا اوهان جو ڪو پنهنجو ڪڏهن اغوا ٿيو آهي؟ ڊڄو اُن وقت کان جڏهن اغوا ٿي وڃو. بچاءُ واري وزارت جي نمائندي چيو ته نه ڪڏهن ائين ناهي ٿيو، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته ان ڪري اوهان کي احساس ناهي جن جو ڪو اغوا ٿيندو آهي ان تي ڇا گذرندي آهي. انهن کان پڇيو. ادارن کي ان نهج تي نه پهچايو جو انهن جو رهڻ مشڪل ٿي وڃي. بچاءُ واري وزارت جي اختيارين عدالت کان ٻن ڏينهن جو وقت گهريو. عدالت ٻڌڻي ۾ وقفو ڪندي جاچ آفيسر کي سيڪٽر ڪمانڊر ۽ ڊي آءِ جي جو بيان قلمبند ڪري عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪرڻ جي عدالت کان استدعا ڪئي. بچاءُ واري وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته اسان پتو لڳايو آهي ته احمد فرهاد آءِ ايس آءِ وٽ ناهي

واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، پوليس قانون موجب جاچ ڪري رهي آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڇا پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري احسان ڪيوآهي؟ ڇا ايجنسيون هي ملڪ هلائينديون يا قانون مطابق هلندو؟ هاڻي مغوي جي سندس زال سان ڳالهه ٻولهه نه ڪرايو. عدالت چيو ته ڇا سيڪٽر ڪمانڊر جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي؟ ايس ايس پي آپريشن جواب ڏنو ته ضمني بيان ورتو ويو آهي. سڀاڻي تائين باقاعدا بيان وٺي عدالت ۾ پيش ٿي وينداسين. عدالت ريمارڪس ڏنا ته هاڻي اهو معاملو آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کان نڪري چڪو آهي. ان بعد سيڪٽر ڪمانڊ کي به طلب ڪندس. هڪ 18 هين گريڊ جي ماڻهو کي اوهان ڇا بڻائي ڇڏيو آهي. ان جي تابع نه ٿيو، هو ڪو چنڊ تي ناهي رهندو. ڇا حيثيت آهي اُن جي. ملڪ ان کان سواءِ به هلي سگهي ٿو. اسان جا ادارا جيڪڏهن 32 ڪلو ميٽر جي شهر ۾ قانون لاڳو نٿا ڪري سگهن ته انهن جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڇا طريقو آهي. جنهن جي دل جڏهن چوي دروازو کڙڪائي ماڻهو کنڀي وڃي

هڪ طرف درخواست واپس وٺڻ جو پيغام موڪليو پيو وڃي ٻئي طرف چون ٿا ته ماڻهو اسان وٽ ناهي. سيڪٽر ڪمانڊر جو بيان وٺو. ٻي صورت ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کي طلب ڪندس ۽ پوءِ وزير اعظم سميت پوري ڪابينا کي هِتي ويهاري انهن کان لاپتا ماڻهن جي معاملي تي فيصلو ڪرائيندس. تنبيهه ڪري رهيا آهيون ته عدالتي فيصلي جا وڏا اثر ٿيندا. عدالت بچاءُ واري سيڪريٽري ۽ گھرو سيڪريٽري کي اڄ 3 وڳي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔