ٽي ٽوئنٽي سيريز: پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهريون ميچ اڄ کيڏيو ويندو

لنڊن: پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو پهريون ميچ اڄ کيڏيو ويندو.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جو پهريون ميچ انگلينڊ جي شهر ليڊز ۾ اڄ کيڏيو ويندو. قومي ٽيم جي اڳواڻي بابر اعظم ڪندو جڏهن ته انگلينڊ ٽيم جي ڪپتاني جا فرائض جوز بٽلر سرانجام ڏيندو.

ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته انگلينڊ سان سيريز ورلڊ ڪپ کان اڳ تياري جي لاءِ سنهري موقعو آهي. سيريز کٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ ڀروسو حاصل ڪنداسين. هن چيو ته ورلڊ ڪپ کٽڻ  جو پلان تيار ڪري ورتو آهي مان ون ڊائون کيڏندس.

ٻئي پاسي پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. مقامي موسميات کاتي موجب ليڊز ۾ برسات جو 60 سيڪڙو امڪان آهي. ڏينهن  جو ڪڪر ڇانيل رهندا جڏهن ته ٻنپهرن جو شروع ٿيندڙ برسات وقفي وقفي سان رات جو 12 وڳي تائين جاري رهي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔