ڊالر 278 رپيا 50 پئسا،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 40 پئسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 275 پوائنٽن جي واڌ سان 75 هزار 206 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 74 هزار 930 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔