قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق صحافين تي پارليامينٽ هائوس جي ڪوريج ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

رپورٽ موجب پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين جي ڪوريج ڪرڻ تي پابندي کانپوءِ صحافي ڪوريڊور اندر ڪنهن به ميمبر سان ڳالهائي نه سگهندا.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صحافين جي گيٽ نمبر هڪ تي بيهڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي، صحافي ڪوريڊور ۾ ڪنهن به ميمبر سان ڳالهائي نه سگهندا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وولاگرز، يوٽيوبرز ۽ ٽڪ ٽاڪرز جي پارليامينٽ ۾ داخلا تي پابندي آهي، صحافي صرف ميڊيا سينٽر ۾ ميمبر سان ڳالهائي سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔