ميٽا طرفان ڪميونيڪيشن پليٽ فارم کي بند ڪرڻ جو فيصلو

واشنگٽن: ميٽا طرفان ورڪ پليس نالي فيسبڪ جي آفيس ڪميونيڪيشن پليٽ فارم کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيسبڪ ورڪ پليس جي مائيڪرو سافٽ ٽيمز ۽ سليڪ جهڙن آفيس ڪميونيڪيشن پليٽ فارمز جي مقابلي ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، هاڻي ان کي بند ڪيو پيو وڃي. ميٽا جي هڪ ترجمان طرفان ورڪ پليس کي بند ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي. ترجمان موجب پليٽ فارم واهپيدارن کي 31 آگسٽ 2025 تائين دستياب هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔