ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ 15 پاڪستاني رانديگرن جا نالا فائنل

لاهور: ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي 15 ميمبرن جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 5 فاسٽ بالر، 4 آل رائونڊر، 3 وڪيٽ ڪيپر، 2 بيٽسمين ۽ هڪ اسپنر شامل هوندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاداب خان، وسيم ايوب ۽ عثمان به ٽيم ۾ شامل هوندا، حارث رئوف مڪمل طور تي فٽ آهي ۽ کيس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ به شامل ڪيو ويندو.

ذريعن موجب بابر اعظم (ڪپتان)، فخر زمان، محمد رضوان، عثمان خان، اعظم خان، عماد وسيم، شاداب خان، وسيم ايوب ۽ افتخار احمد به اسڪواڊ ۾ هوندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ابرار احمد، شاهين شاهه آفريدي، محمد عامر، نسيم شاهه، عباس آفريدي به پاڪستاني اسڪواڊ ۾ هوندا جڏهن ته 3 رانديگرن ۾ سلمان علي آغا، حسن علي ۽ عرفان نيازي هوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔