ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سان مقابلو، نيويارڪ ۾ اسٽيڊيم تيار

نيويارڪ : آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ نيويارڪ جي ناساو اسٽيڊيم کي تيار ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب پاڪستان جو شعيب ملڪ، جميڪا جو يوسين بولٽ ۽ ليجنڊ ڪرڪيٽر به اسٽيڊيم ڏسڻ لاءِ پهتا.انگلينڊ جو ليام پلنڪٽ، ويسٽ انڊيز جو سر ڪرٽلي ايمبروز، آمريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوري اينڊرسن ۽ مونڪ پٽيل به اسٽيڊيم ڏسڻ آيا. ان موقعي تي يوسين بولٽ ۽ رانديگرن هڪ وڏي ڪرڪيٽ بيٽ تي دستخط پڻ ڪيا، هي دستخط ٿيل بيٽ ٽورنامينٽ دوران گرائونڊ ۾ ڏيکاريو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔