گوگل جو تحرير ذريعي وڊيو تيار ڪرڻ وارو متاثر ڪندڙ ٽول متعارف

واشنگٽن :گوگل تحرير سان وڊيو تيار ڪرڻ واري آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هڪ نئون ٽول وي اي او متعارف ڪرايو آهي. ڪمپني موجب ويو سان واهپيدارن کي پراڻن ماڊلز جي مقابلي ۾ وڌيڪ معياري ۽ بهترين ريزوليشن تي ٻڌل وڊيو صرف لکي ڪري تيار ڪرڻ جو موقعو ملندو. اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان وڊيو تيار ڪرڻ وارا ٽولز نوان نه پر گوگل ويو وڌيڪ جديد اي آءِ ٽيڪنالاجي سان ليس آهي. ان کان اڳ چيٽ جي بي ٽي تيار ڪرڻ واري ڪمپني اوپن اي آءِ به سورا جي نالي سان ٽيڪسٽ ٽو وڊيو ٽول تيار ڪري چڪي آهي. گوگل جو نئون ماڊل 1080 ريزوليشن جو هڪ منٽ جو وڊيو صرف اوهان جي ٿورن لفظ لکڻ سان ٺاهڻ جي صلاحيت رکندو آهي. ڪمپني موجب واهپيدار ان وڊيو ۾ سنيماٽڪ ايفيڪٽ به تحريري هدايتن ذريعي شامل ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔