بشنوئي برادري جو سلمان خان لاءِ مشروط معافي جو اعلان

ممبئي : بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي جان جا دشمن بڻيل بشنوئي برادري جي ماڻهن سندس گهر ٻاهران فائرنگ ڪري اداڪار کي مشروط معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بشنوئي برادري جي صدر ديويندرا بوڊيا هڪ بيان جاري ڪندي اداڪار جي جان بچائڻ لاءِ شرط رکي ڇڏي ۽ چيو ته جيڪڏهن سلمان خان پاڻ پنهنجي غلطي تي معافي گهري ته اسان کيس معاف ڪرڻ بابت سوچي سگهون ٿا.پنهنجي بيان ۾ هن اداڪاره سومي علي جي معافي وٺڻ کان انڪار ڪيو. هنن جو چوڻ آهي ته اسان سومي علي جي معافي قبول نٿا ڪريون ڇاڪاڻ ته هن ڪجهه به غلط ناهي ڪيو پر سلمان خان جي غلطي آهي.جيڪڏهن اهي پاڻ اسان جي مندر ۾ اچن ۽ اسان کان معافي گهرن ۽ اسان کي يقين ڏيارين ته اهي مستقبل ۾ اهڙي غلطي نه ڪندا، اسان انهن کي معاف ڪرڻ ۽ انهن جي جان بچائڻ جو سوچي سگهون ٿا.ديويندرا بوڊيا اهو به مطالبو ڪيو آهي ته دبنگ اداڪار کي معافي وٺڻ گهرجي ۽ اهو يقين ڏياريو ته هو مستقبل ۾ به جهنگلي جيوت ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔