ايندڙ 25 ڏينهن دوران 3 هيٽ ويو اچڻ جو خطرو

ڪراچي:ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايندڙ 25 ڏينهن دوران 3 هيٽ ويو اچڻ جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

اين ڊي ايم اي موجب پهرين هيٽ ويو جو خطرو سنڌ ۾ عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽنڊوالهيار، مٽياري، سانگهڙ جڏهن ته پنجاب ۾ بهاوالپور ۽ رحيم يار خان ۾ آهي.

اين ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته 15 کان 30 مئي جي دوران اهڙن علائقن ۾ گرمي پد 40 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو ۽ گرمي ان کان به وڌيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته هيٽ ويو جو اهو پهريون اسپيل 2 کان 3 ڏينهن جاري رهي سگهي ٿو.

اين ڊي ايم اي موجب مئي جي آخر يا جون جي شروع ۾ ٻئين هيٽ ويو جو امڪان آهي جنهن ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو ۽ اهو هيٽ ويو 4 کان 5 ڏينهن جاري رهندو.

ٽئين هيٽ ويو جو امڪان جون جي پهرين 10 ڏينهن دوران آهي اهو هيٽ ويو ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين ۽ خيرپور کي متاثر ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔