ملڪ ۾ سڀاڻي هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو

اسلام آباد: ملڪ ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري کان آگاهي جو عالمي ڏينهن سڀاڻي 17 مئي تي ملهايو ويندو.

هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد هاءِ بلڊ پريشر جا سبب، نشانيون،  علاج، پرهيز ۽ ان جي تدارڪ بابت عوامي شعور اجاگر ڪرڻ آهي.

هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ ساليانو هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر جي مرض سبب زندگي کان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جڏهن ته ٻئي طرف ملڪ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا آهن. جڏهن ته مرض جي شرح پکيڙ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري سبب دل، دماغي نسون ڦاٽڻ ۽ گڙدن جو مرض ٿي سگهي ٿو جيڪو موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿو.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته مرض کان بچاءُ لاءِ سادي طور تي زندگي گذارڻ، گرم ۽  چٽ پٽين غذائن کان پرهيز ۽ ورزش کي زندگي جو معمول بنائڻ جي ضرورت آهي.

ياد رهي ته 2005 کان هينئر تائين سڄي دنيا ۾ 17 مئي تي هائيپرٽينشن يعني هاءِ بلڊ پريشر جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد بيماي کان آگاهي ڏيڻ ۽ ان جي خلاف حفاظتي قدم جي حوصلا افزائي جي لاءِ ملهايو ويندو آهي.

عالمي ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ صحت کاتي ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبن ۽ پروگرامن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جا سبب ۽ ان کان بچاءُ لاءِ علاج، پرهيز بابت عام ماڻهو کي ڄاڻ ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔