بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 5 رپيا يونٽ واڌ جو امڪان: عوام تي 310 ارب رپين جو واڌو بار پوندو

اسلام آباد : ايندڙ مالي سال لاءِ بجلي جي بنيادي اگھن ۾ پنج رپيا في يونٽ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي

ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب  حڪومت بجلي واهپيدارن تي 310 ارب رپين جو واڌو بار وجهڻ جي تياري ڪري ڇڏي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي)  ايندڙ مالي سال لاءِ پاور پرچيز پرائس مقرر ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 5 رپيا في يونٽ تائين واڌ جو امڪان آهي، نيپرا سي پي پي اي جي درخواست تي 23 مئي تي ٻڌڻي ڪندي. سي پي پي اي پاور پرچيز پرائس جا 7 منظرناما پيش ڪيا

پاور پرچيز پرائس جو 25 رپيا 3 پئسا کان 27 رپيا 11 پئسا في يونٽ جو ڪاٿو لڳايو ويو، منظوري کانپوءِ پاور پرچيز پرائس جو بار 3.58 ٽريلين رپين تائين پهچي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔