گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، سلمان خان شادي نه ڪندو: مٿن چڪرورتي

 ڪراچي :بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارمٿن چڪرورتي چيو آهي ته سلمان خان ڇوڪرين کي بي وقوف بڻائيندو رهندو ۽ شادي نه ڪندو، تازو مٿن چڪرورتي هڪ ريئليٽي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سلمان خان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن چيو ته سلمان خان مزاحيه انسان آهي، هو هر وقت کل ڀوڳ ڪندو رهندو آهي

سلمان خان جي شادي جي حوالي سان مٿن چڪرورتي چيو ته منهنجي خيال ۾ هو ڪڏهن به شادي نه ڪندو، سلمان هر خوبصورت ڇوڪري کي اهو ئي چوندو رهندو ته هو غيرشادي شده آهي ۽ ڇوڪرين جون همدرديون وٺندو رهندو

مٿن چڪرورتي چيو ته سلمان خان ڇوڪرين کي بي وقوف بڻائيندو رهندو، انهن سان محبت رچائيندو رهندو پر ڪڏهن به پاڻ شادي نه ڪندو

هن چيو ته مان ان ڳالهه جي گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته سلمان خان ڪڏهن به شادي نه ڪندو ۽ انهن ڇوڪرين سان ته ڪڏهن به نه ڪندو جن کي هو بي وقوف بڻايو آهي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔