16 مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: ملڪ ۾ 16 مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 12 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9.70 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اوگرا پندرنهن مئي تي سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻيندي. اهو هلندڙ مهيني ۾ لڳاتار ٻيون رليف هوندو. نيون قيمتون وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ 16 مئي خميس کان لاڳو ڪيون وينديون.

ياد رهي ته عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي لاٿ ٿي آهي جنهن کي عوام تائين منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔