گوگل ميپس پاران 2 نوان ڪارآمد فيچر متعارف

واشنگٽن : گوگل خاموشي سان پنهنجي مشهور نيويگيشن سروس ميپس ۾ ٻه نوان فيچر متعارف ڪرايا آهن.اهي ٻئي فيچرز اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن مان هڪ اليڪٽرڪ گاڏين جي نيويگيشن سان لاڳاپيل آهي جڏهن ته ٻيو خاص روڊن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. پهرين خصوصيت EV چارجنگ آهي، جيڪا صارفين کي برقي گاڏين لاء ويجهي چارج اسٽيشن ڳولڻ جي اجازت ڏيندو.هن مقصد لاءِ انهن کي اسڪرين جي چوٽي تي مين سرچ بار جي هيٺان فلٽر بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.پر ان کان اڳ توهان کي گوگل ميپس جي سيٽنگ ۾ وڃڻو پوندو ۽ پنهنجي گاڏي کي اليڪٽرڪ گاڏي طور رجسٽر ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔