بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي 20 ميچون کٽيندڙ ڪپتان

ڊبلن: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي ميچون کٽيندڙ ڪپتان بڻجي ويو.ڪالهه ڊبلن ۾ آئرلينڊ خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي فتح بابر اعظم جي قيادت ۾ 45هين فتح هئي.بابر کان اڳ انگلينڊ جي مورگن ڪپتان طور 44 ميچون کٽيون هيون.يوگنڊا جي برائن ماسابا به ڪپتان طور 44 ميچون کٽيون جڏهن ته افغانستان جي اصغر افغان ڪپتان طور 42 ميچون کٽيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔