تيلگو اداڪارا پاويترا جيارام خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت

ممبئي : ڀارتي تيلگو انڊسٽري جي مشهور اداڪارا پاويترا جيارام هڪ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ پنهنجي جان وڃائي وئي.ڀارتي ميڊيا ”اين ڊي ٽي وي“ جي رپورٽ موجب تيلگو ٽيليويزن سيريز مان شهرت ماڻيندڙ اداڪارا پاويترا جيارام آچر تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي.آنڌرا پرديش جي شهر محبوب نگر ويجهو خوفناڪ ڪار حادثي ۾ اداڪاره موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا پاويترا جيرام پنهنجي ڪزن سان گڏ سفر ڪري رهي هئي ته ڪار بي قابو ٿي روڊ جي ڊيوائيڊر سان ٽڪرائجي وئي.حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن اداڪارا ڪرناٽڪا جي منڊيا ضلعي کان هاناڪي ڏانهن واپس اچي رهي هئي.ميڊيا رپورٽن موجب ان واقعي ۾ پاويترا جو ڪزن اپيڪا، ڊرائيور سريڪانت ۽ اداڪار چندرڪانت سخت زخمي ٿي پيا آهن.اداڪارا پاويترا جيارام جي موت جي خبر ڪانتر ۽ تيلگو فلم انڊسٽري کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.اداڪارا جي لاڏاڻي تي شوبز انڊسٽري جي ڪيترن ئي شخصيتن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔