پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع: معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد: بجيٽ ۽ نئين قرض پروگرام تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.

ڳالهين لاءِ عالمي مالياتي فنڊ جو وفد ناڻي واري وزارت ۾ پهچي ويو. آءِ ايم ايف مشن جي ٻن هفتن تائين معاشي ٽيم سان ڳالهيون جاري رهنديون.

رپورٽ موجب آءِ ايم ايف مشن ناڻي واري وزارت پهتو جتي آءِ ايم ايف مشن ۽ ناڻي واري وزارت جي اختيارين وچ ۾ تعارفي سيشن ٿيو، پاڪستان جي معاشي ٽيم جي قيادت ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ جي وفد جي قيادت مشن چيف نيتهن پورٽر ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف مشن کي موجوده معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف سان قرض معاهدي ان ملڪي معيشت ۾ بهتري آئي،  پاڪستان آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهي، آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام ۾ رهي معيشت صحيح رستي تي گامزن آهي. آءِ ايم ايف مشن ملڪي معيشت لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ذريعن موجب نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جي معاشي ٽيم سمورو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. آءِ ايم ايف سان ايڪسٽنڊڊ فنڊ فيسبلٽي قرض پروگرام لاءِ ورڪنگ پيپر تيار ڪيو ويو آهي.  

ذريعن موجب ايف بي آر اختيارين آءِ ايم ايف کي نئين ٽيڪس قدمن سميت 6 معاملن تي بريفنگ ڏيندو. ايف بي آر طرفان هلندڙ مالي سال ٽيڪس جا حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي، واپاري دوست اسڪيم جي ناڪامي وارن سببن بابت به ٻڌايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔