3 لک روپيه ڪلو ڳاڙهي، ۽ جامني رنگ جو ميازاڪي انب ڪراچي ۾ وڪرو لاءِ پهچي ويو

ڪراچي: جاپان ۾ پوکجندڙ 3 لک روپيه في ڪلو ڳاڙهي ۽ جامني رنگ جو ميازاڪي انب هاڻ ڪراچي ۾ به پوکجڻ لڳو.

پاڪستان ۾ جتي  هاڻ سج جي تپش ۾ اضافو ٿي رهيو آهي اتي  فروٽ جو بادشاهه انب به پچي تيار ٿي چڪو آهي. سڄي دنيا ۾ مشهور پاڪستان جي مختلف قسمن جا انب جن ۾ چورسو، سنڌڙي، لنگڙو، دسيري، انورڊٽول، پنهنجو منفرد ذائقو رکن ٿا.

سڄي پاڪستان ۾ انب جون تمام گهڻيون قسمون هجڻ کان پوءِ هاڻ اهو انب به دستياب آهي جنهن جي قيمت ڪجهه سئو روپيه نه پر لکين روپيه آهي، دنيا جي هن مهانگي ترين انب(ميازاڪي) جي پوکي هاڻ ڪراچي ۾ به شروع ڪئي وئي آهي جيڪا ان کان اڳ صرف جاپان ۾ ٿيندي هئي.

ميازاڪي انب پوکيندڙ ڪراچي جي هڪ هاري ٻڌايو ته انبن جو هونئن ته رنگ پيلو هوندو آهي پر هي انب ذائقي کان علاوه رنگ ۾ به مختلف آهي. ميازاڪي انب پنهنجي منفرد رنگ ذائقي ۽ قيمت جي ڪري به مشهور آهي.

هاري چيو ته انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ هن انب جي في ڪلو قيمت 8 سئو کان 9 سئو آمريڪي ڊالر آهي جيڪا پاڪستاني روپين ۾  اڍائي لک کان 3 لک روپين تائين بڻجي ٿي. ميازاڪي جي آزمائشي بنيادن تي پوک شروع ڪئي وئي آهي پر هاڻ ان ۾ ڪاميابي کان پوءِ يقينن سڄي ملڪ ۾ هن جي پوکي جي شروعات ڪئي ويندي.

هاري وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي جي علائقي ملير جي زمين خدا جي طرفان ڏنل وڏو تحفو آهي هتي جيڪا به شيءَ پوکي ويندي آهي اها جلد تيار ٿي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔