لکي مروت ۾ آپريشن دوران پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: پوليس لکي مروت جي علائقن وانڊه ظريفوال ۽ شيخ بدين ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي گڏيل آپريشن دوران پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) جي 2 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته ٻيا 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب آچر تي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر(ڊي پي او) تيمور خان ٻڌايو ته عسڪريت پسندن جي موجودگي جي اطلاع ملڻ کان پوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي سرحد کان لاڳاپيل پهاڙي پٽي طرف اماڻيو ويو

هن چيو ته آپريشن 10 مئي تي رات 8:00 وڳي شروع ٿيو ۽ سخت ڏکئي علائقي ۾ 36 ڪلاڪن تائين جاري رهيو،  پوليس جڏهن دهشتگردن جي ٺڪاڻن ڀرسان پهتي تڏهن پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن تي خودڪار هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو.

هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي ۾ گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ فائرنگ جي  ڏي وٺ کان پوءِ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ڊي پي او ٻڌايو ته دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀته خوري، ڌماڪن ۽ پوليس تي حملن جي ڪيسن ۾ لکي مروت ۽ بنون جي ضلعن ۾ گهربل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔