ڪڻڪ اسڪينڊل: وزيراعظم شهباز شريف ايم ڊي ۽ جي ايم پاسڪو کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج ۽ سروسز ڪارپوريشن(پاسڪو) کي 4 لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي خريداري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي طلب، پهچ ۽ وفاقي حڪومت جي خريداري واري پروگرام جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ناڻي  واري وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير غذائي تحفظ ۽ تحقيق رانا تنوير حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته ڪڻڪ خريداري جي عمل لاءِ موبائل ايپليڪيشن تيار ڇو نه ڪرائي وئي؟ وزيراعظم ڪڻڪ خريداري جي عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان هدايت تي عمل نه ڪندڙ ۽ ان حوالي سان غفلت ڪرڻ تي پاسڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ جنرل مئنيجر پروڪيورمنٽ کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم تاڪيد ڪئي ته ڪڻڪ جي خريداري جو عمل صاف ۽ شفاف بنائڻ جي حوالي سان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ موبائل فون ايپليڪيشن جلد کان جلد تيار ڪئي وڃي.

هن پاسڪو جي اسٽاف کي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته هارين جي معاشي تحفظ لاءِ قسمن جي انشورنس کي يقيني بنايو وڃي.  هوڏانهن وزيراعظم پاسڪو کي چار لک ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي شفاف ۽ موثر طريقي سان خريداري ڪرڻ جي به هدايت ڏيندي چيو ته هارين جو نقصان  ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔