وزيراعظم پاران ڪڻڪ جي خريداري بابت ضروري قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف حڪومت جي پهرين مهيني ۾ 6 لک 91 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي درآمد جو نوٽيس ورتو.شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪڻڪ جي خريداري بابت سمورا ضروري قدم کنيا وڃن، گذريل سال سٺي پيداوار هجڻ باوجود ڪجهه سببن جي ڪري ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.وزيراعظم فيبروري 2024ع کانپوءِ ڪڻڪ جي درآمد جاري رکڻ جي جاچ جو حڪم ڏيندي ڪڻڪ جي درآمد جاري رکڻ ۽ ايل سيز کولڻ جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي.سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن جي سربراهي ۾ ڪميٽي کي چئن ڏينهن ۾ جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ڪميٽي ڪڻڪ جي وافر ذخيرن جي موجودگيءَ باوجود درآمد جي ذميوار ماڻهن جو تعين ڪندي.ٻئي طرف پنجاب حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ خلاف هارين اڄ کان صوبي ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔