ٻي عالمي جنگ کانپوءِ غزه ۾ ٿيل تباهي اڳ ۾ ناهي ڏٺي: يو اين

غزه :گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ ٿيل تباهي ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ ناهي ڏٺي وئي ۽ بحالي لاءِ بين الاقوامي ڪوشش جي ضرورت پوندي هن وقت تائين جي محطاط اندازي موجب ان لاءِ 40 ارب ڊالر تائين رقم گهربل هوندي. ٻئي پاسي حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه چيو آهي ته اسين غزه لاءِ ممڪنه جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزاديءَ واري معاملي تي مصر ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾پيش ڪيل تجويزن تي سنجيدگي سان جائزو وٺي رهيا آهيون. ويڙهاڪ گروپ حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ لڳ ڀڳ ستن مهينن جي جنگ ۾ ڇڪتاڻ جون خبرون آهن جن فلسطيني علائقي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل عبدالله درادري اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عالمي برادري ٻئي عالمي جنگ بعد اهڙي صورتحال ناهي ڏٺي جيڪا تباهي غزه جي جنگ ۾ سامهون آئي آهي. هن چيو ته غزا ۾ 72 سيڪڙو رهائشي عمارتون تباهه ٿيون آهن. غزا جي سول ڊفينس ايجنسي جو چوڻ آهي ته ملبي جي ڍير ۾ هر هفتي 10 ڌماڪا ٿي رهيا آهن.نئين تجويز اها سامهون آئي آهي ته 40 ڏينهن لاءِ جنگبندي ڪئي وڃي جيئن امدادي ڪاروايون ڪري سگهجن ۽ حماس ان جي بدلي يرغمالي آزاد ڪري. هن وقت 15 لک ماڻهو مصر جي سرحد لڳ ڦاٿل آهن ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو گرائونڊ فورسز کي موڪلڻ چاهي ٿو، جيتوڻيڪ آمريڪا ان عمل جي مخالفت ڪري رهيو آهي. آئي ڏينهن اجتماعي قبرون ملڻ جون خبرون آهن ۽ 35 هزار فلسطينين جي مارجڻ جا اطلاع آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔