عراق ۾ هم جنس پرستي، جسم فروشي، جنس جي تبديلي سزا ڏوهه قرار

بغداد : عراقي پارليامينٽ هم جنس پرستي کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيڻ جو بل منظور ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب عراق ۾ هاڻ هم جنس پرستي تي 10 کان 15 سالن تائين سزا ٿي سگهي ٿي. عراقي پارليامينٽ مان پاس ڪيل بل ۾ ٽرانسجينڊرز بابت شق به شامل آهي ته ان کي به ان ڏوهه تي هڪ کان 3 سالن تائين سزا ٿي سگهي ٿي. نئين پاس ڪيل قانون تحت عراق ۾ هم جنس پرستي، جسم فروشي، جنس جي تبديلي کي به سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. عراق ۾ ڪجهه مذهبي گروهن جو خيال آهي ته اهو قانون ملڪ ۾ مذهبي قدرن کي برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔