اعظم خان سميت 8 نالا اي سي ايل مان خارج، خان ۽ بشرا جا نالا برقرار

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا جي سفارش تي 19 ڪروڙ پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث 8 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا نيب جي سفارش تي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان نالا ڪڍڻ جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس سان لاڳاپيل 8 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي ايل مان نڪتل ماڻهن ۾ وزيراعظم جو اڳوڻو سيڪريٽري اعظم خان، راجا منظور ڪياني ۽ عارف رحيم شامل آهن.انهن کان علاوه نويد اڪبر، سڪندر حيات، نثار محمد، غلام حيدر ۽ عارف نذير بٽ جا نالا به اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جا نالا 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ شامل ٿيڻ تي اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري هالي ووڊ بشرا بي بي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته فرح گوگي ۽ زلفي بخاري جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔