جسٽس بابر آڊيو ليڪ ڪيس کان ڌار ٿي وڃي، چئن ادارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: چئن ادارن جسٽس بابر کان آڊيو ليڪ ڪيس کان ڌار ٿيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آهي.

پيمرا، پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل ڪندي چيو ته هن ڪيس جي ٻڌڻي اهوئي بينچ اڳيان وڌائي جيڪو پهريان انهي نوعيت جي ٻئي درخواست تي 2121 ۾ فيصلو ڪري چڪو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ان کان اڳ جسٽس محسن اختر ڪياني 2021 ۾ ساڳئي نوعيت جي هڪ ٻئي ڪيس جو فيصلو ڪري چڪو آهي. ان لاءِ هاڻ اختلافي فيصلي کان بچڻ جي لاءِ انصاف جي گهرج اهائي آهي، بشريٰ بي بي ۽ نجم الثاقب جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس بابر ستار ساڳئي ڪيس کان ڌار ٿي ويندو.

درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيمرا چيئرمين ڪيترائي ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿي چڪو آهي. پر اڃان تائين ڪيس  ٻڌڻي هيٺ آهي.

ياد رهي ته بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيل سردار لطيف کوسه ايڊووڪيٽ سان ليڪ ٿيندڙ آڊيو کي چيلينج ڪري رکيو آهي. جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثاقب آڊيو ليڪ تي ٺهندڙ پارليامينٽ ڪميٽي ۾ طلبي جو نوٽيفڪيشن چيلينج ڪري رکيو آهي.

جسٽس بابر ستار ٻنهي درخواستن کي گڏ ڪري ٻڌڻي ڪري رهيو آهي آڊيو ليڪ ڪيس 29 اپريل تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔