ايپل طرفان آنلائن ايونٽ ۾ نوان پراڊڪٽ لانچ ڪرڻ جا امڪان

ڪيليفورنيا : ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل ايندڙ مهيني جي 7 تاريخ تي هڪ آنلائن ايونٽ ۾ نوان پراڊڪٽ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن موجب ليٽ لوز ٽيگ لائين جي اها تقريب ايپل جي ويب سائيٽ تي صبح 10 وڳي لائيو ڏيکاري ويندي، ايپل جا لائونچ ايونٽ اڪثر پهريان کان رڪارڊ ٿيل هوندا آهن. هڪ خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2023ع ۾ ڪو نئون ماڊل نه اچڻ ڪري هاڻي ايونٽ ۾ نون آءِ پيڊز کي رليز ڪرڻ جا امڪان آهن، ڪمپني طرفان جاري ڪيل دعوت نامي ۾ ايپل پينسل ڏيکائي وئي آهي، جيڪو ڪمپني جي آءِ پيڊ اسٽائلس آهي. ڪپمني طرفان پنهنجي هاءِ اينڊ آءِ پيڊ پرو جي اپ گريڊ سان گڏ آءِ پيڊ ايئر جاري ڪرڻ جا امڪان آهن. ڪيترائي ڀيرا مارچ کان مئي تائين آءِ فون، ايپل واچز ۽ ايسسريز لاءِ نئون رنگ متعارف ڪرايو ويندو آهي، آخري ڀيرو ڪمپني طرفان مارچ 2022ع ۾ اهو ايونٽ منعقد ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ آءِ پيڊ ايئر ۽ هڪ لوئر اينڊ آءِ فون جو اعلان ڪيو ويو هو. ايپل طرفان هلندڙ سال جون ۾ ٿيندڙ ورلڊ وائڊ ڊيويلپرز ڪانفرنس ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس بابت اهم اعلان ٿيڻ جا امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔