بشريٰ بي بي کي اڪيلائي ۾ قيد رکيو ويو آهي، اهو به تشدد آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته بشريٰ بي بي کي اڪيلائي ۾ قيد رکيو ويو آهي اهو به هڪڙي قسم جو تشدد آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بشريٰ بي بي کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي اسٽيٽ ڪونسل هڪ هفتي جو وقت گهريو ته عدالت طرفان استدعا منظور ڪئي وئي. اسٽيٽ ڪونسل چيو ته سب جيل جي قيام کي اسان پنهنجي طور تي ڏسي رهيا آهيون، ڪابه شيءَ غيرقانوني ناهي، بس ٿورو وقت گهرجي.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته اوهان بشريٰ بي بي کي اڪيلائي ۾ قيد رکيو آهي اهو به هڪڙي قسم جو تشدد آهي اوهان وٽ ٻيو ڪو رستو نه آهي. جنهن کان پوءِ عدالت بشريٰ بي بي جي وڪيلن کان ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾  دليل طلب ڪندي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انهي ڪيس ۾ هاڻ وڌيڪ دير نه ٿئي.

عدالت اسٽيٽ ڪونسل جي وقت گهرڻ جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔