موسميات کاتي پنجاب ۾ اڄ کان 29 اپريل تائين تيز هوا سان برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، الرٽ جاري

لاهور: موسميات کاتي اڄ کان 29 اپريل تائين پنجاب ۾ تيز هوا سان برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

ڊي جي پي ڊي ايم اي ڪاٺيا هدايت جاري ڪئي ته هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتا الرٽ آهن

ڊي جي موجب صوبائي ڪنٽرول روم سميت سمورن ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽرز کي به الرٽ ڪيو ويو آهي. شهري احتياط ڪن، بجلي جي ٿنڀن، لٽڪيل تارن کان پري رهن.

عرفان علي ڪاٺيا موجب  شهري کنوڻ ۽ طوفاني صورتحال ۾ کليل آسمان هيٺ نه وڃن. پي ڊي ايم اي ترجمان موجب شهري مدد جي لاءِ پي ڊي ايم جي هيلپ لائن 1129 تي فون ڪري سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔