غزه تي اصولي موقف تي پاڪستان جي ساراهه ڪريان ٿو: ايراني صدر

لاهور: ايراني صدر ابراهيم رئيسي لاهور پهچي ويو جتي هن علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڏني.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مهمان ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو استقبال ڪيو ۽ کيس ڀليڪار چيو. جنهن کان پوءِ ايراني صدر علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڏيڻ لاءِ پهتو جتي هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا.ايراني صدر ابراهيم رئيسي انهي موقعي تي چيو ته مان چاهيان ٿو ته عوامي اجتماع کي خطاب ڪريان پر سببن جي آڌار تي ائين نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته مان پاڪستان جي عوام جي جذبن جي قدر ڪريان ٿو ۽ پاڪستان جي عوام کي ايراني سپريم ڪمانڊر طرفان سلام پيش ڪريان ٿو.صدر ابراهيم رئيسي چيو ته علامه اقبال جي شخصيت تمام گهڻي اهم آهي. هن چيو ته ايران جي عوام ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ اڻٽٽ رشتو آهي. غزه بابت پاڪستان جي موقف جي تعريف ڪريون ٿا. غزه جنگ ۾ فلسطين جي فتح ٿيندي.مهمان وفد جي پهچڻ تي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، سينيٽر پرويز رشيد، صوبائي وزير اطلاعات عظميٰ زاهد بخاري، ناڻي وارو وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان، صوبائي وزير سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن خواجه سليمان رفيق، صوبائي وزير خوراڪ بلال ياسين، صوبائي وزير انڊسٽريز چوڌري شافع حسين، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس لاهور ۾ مقرر ايراني قونصل جنرل مهران موحدفر ۽ ٻيا انهي موقعي تي موجود هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔