پاڪستان جي آئي ٽي ايڪسپورٽ ۾ 339 ملين ڊالرن جو رڪارڊ اضافو

اسلام آباد: پاڪستان جي آئي ٽي برآمدات ۾ 339 ملين ڊالرن جو رڪارڊ اضافو ٿيو آهي.آءِ ٽي واري وزارت موجب جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024ع تائين جي آءِ ٽي برآمدات 2 ارب 28 ڪروڙ ڊالرن تائين پهتيون.انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي آئي ٽي برآمدات ۾ گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي مقابلي ۾ 17.44 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو 1 ارب 940 ملين ڊالر آهي.آءِ ٽي واري وزارت موجب مارچ 2024ع دوران آءِ ٽي جي برآمدات ۾ 306 ملين ڊالرن جو اضافو ٿيو، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مهيني دوران آءِ ٽي جي برآمدات ۾ 36 سيڪڙو اضافو آهي، جڏهن ته مارچ 2023ع دوران آءِ ٽي جي برآمدات ۾ 225 ملين ڊالرن جو اضافو ٿيو. آئي ٽي وزارت موجب فيبروري 2024 دوران آئي ٽي جي برآمدات ۾ 19 سيڪڙو اضافو ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔