شادي بابت نازش کان سوال، بابر اعظم ڀاءُ ، نسيم شاهه تي خاموشي

لاھور : پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪارا نازش جهانگير قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سان شادي بابت هڪ مداح جي سوال تي ڪرڪيٽر کي لال جهنڊو ڏيکاري ڇڏيو، جڏهن ته نسيم شاهه سان سندس شادي جو سوال گول ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن اداڪارا فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي سوالن جوابن جو سيشن منعقد ڪيو، جنهن ۾ سندس مداحن دلچسپ سوال ۽ جواب پڇيا پر ڪجهه مداح مٿس ناراض به ٿيا. ان دوران هڪ مداح نازش جهانگير کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن بابر اعظم کيس شادي جي آڇ ڪئي ته ان جو جواب ڇا هوندو؟جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته مان معافي وٺندس. بعد ۾ هڪ ٻئي مداح سوال ڪيو ته نسيم شاهه جي پروپوزل جو ڇا ٿيو؟ ان جي ابتڙ هن جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو ته هرڪو غريب ڪرڪيٽرن جي پويان ڇو پيو وڃي؟ اداڪارا جو ايترو ته چوڻ هو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا مداح خاص ڪري بابر اعظم مٿس ناراض ٿي ويا ۽ مٿس ڪاوڙ ڪڍڻ لڳا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔