اعظم خان جي جاءِ تي حسيب الله قومي اسڪواڊ ۾ شامل

لاهور:پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ زخمي ٿيل اعظم خان جي جاءِ تي نوجوان حسيب الله کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اعظم خان گوڏي ۽ پني جي زخمن سبب نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان ٻاهر ٿي ويو هو. قومي ٽيم جي ڊاڪٽرن اعظم خان کي 10 ڏينهن آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي جنهن سبب هو ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو. پنج ميچز جي سيريز مان 3 ميچز راولپنڊي ۾ ٿي چڪيون، جن ان هڪ برسات سبب رد ٿي وئي ٻئي ميچ پاڪستان ۽ ٽئين ميچ نيوزيلينڊ کٽي سيريز برابر ڪئي. 2 فيصلائتيون ميچز لاهور ۾ کيڏيون وينديون، جن لاءِ حسيب الله دستياب هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔