ڪراچي ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي ڪيسن ۾ واڌ، هي احتياطي تدبيرون اختيار ڪريو

ڪراچي ۾ خراب پاڻي لکين شهرين کي اسپتال ڀيرو ڪري ڇڏيو
ڪراچي :سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ خراب پاڻي جي استعمال ۽ گندگي سبب ڊائريا جو مرض وبائي صورت اختيار ڪري ويو.
ڪراچي جي اسپتالن ۾ روزانو ڊائريا جا هزارين ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن.
صحت کاتي موجب، ڪراچي ۾ جنوري کان اپريل تائين هڪ لک 83 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڊائريا ۾ متاثر ٿيل 5 سال کان گهٽ عمر واري ٻارن جو انگ 76 هزار 402 آهي، جڏهن ته ڊائريا سبب 90 هزار 955 ، 5 سال کان وڏي ڄمار وارا شهري به متاثر ٿيا آهن.
طبي ماهرن طرفان شهرين کي گرم پاڻي گهڻي کان گهڻو استعمال ڪرڻ سميت ٻاهر جي کاڌن کان پرهيز جي تجويز ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔