مودي جي انتهاپسند حڪومت خطي جي امن لاءِ خطرو آهي: عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مودي جي انتهاپسند حڪومت خطي جي امن لاءِ خطرو آهي.سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت ختم ڪرڻ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي تحت جنگي ڏوهه آهي. مودي حڪومت ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن جي لاءِ خطرو آهي. ڀارت ۾ اقليتن کي ٻئين درجي جو شهري قرار ڏنو پيو وڃي.مودي انتهاپسند حڪومت پوري خطي جي امن لاءِ خطرو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته هندوتوا جي علمبردار مودي حڪومت پاڙيسري ملڪ جي لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي.تڪراري شهريت ايڪٽ کان پوءِ بنگلاديش، چين ۽ نيپال کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. جڏهن ته مودي حڪومت پاڪستان کي به ڪوڙي فليگ آپريشن جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔