پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد:مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام جي لاءِ خوشخبري آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي.پي ايس او جي ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ مهيني کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيڪ 10 روپيه في ليٽر تائين سستيون ٿي سگهن ٿيون.رپورٽون آهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ پنج کان 10 روپيه گهٽتائي جو امڪان آهي. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيه تائين گهٽتائي جو امڪان آهي.حڪومت طرفان في الحال ان بابت ڪوبه بيان جاري ناهي ٿيو. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي لاءِ آئل اينڊ گيس ريگيولٽري اٿارٽي(اوگرا) طرفان تجويزن سان گڏ سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلي وئي آهي.پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو حتمي فيصلو وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪابينه جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔