پشاور: خيبرپختونخواهه جي صحت کاتي تازين برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ صوبي ۾ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڊينگي پکڙجڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي صوبائي صحت کاتي ڊينگي کي روڪڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪري منظوري لاءِ چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ سروسز ۾ ڊينگي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
ايڪشن پلان موجب ڊينگي کي روڪڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڊينگي مريضن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ 1 هزار 240 بسترا مقرر ڪيا وڃن.
ايڪشن پلان جي تحت پشاور جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ 300 بيڊز مقرر ڪيا وڃن. جڏهن ته ايم ٽي آءِ اسپتال به ڊينگي جي مريضن لاءِ ڌار وارڊ مقرر ڪيا وڃن.
ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيلٿ سروسز ۾ ڊينگي ڪنٽرول روم به قائم ڪيو وڃي. جڏهن ته ڊينگي جي روڪٿام جي لاءِ بلديات کاتي ۽ پي ڊي ايم کان به خدمتون حاصل ڪيون وڃن.