افغانستان ۾ برساتن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 70 ٿي ويو

ڪابل: افغانستان ۾ طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 70 ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي اي ايف پي موجب افغان حڪومت جي ڊيزاسٽرمينجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جانان صادق ٻڌايو ته ڇنڇر ۽ اربع وچ ۾ ٿيندڙ برساتن جي نتيجي ۾ 70 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جانان صادق چيو ته گهڻيون فوتگيون ڇتون ڪرڻ سبب ٿيون آهن. 86 شهري زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وڏي پيماني تي مالي نقصان به ٿيا آهن. هن چيو ته برساتن دوران 2600 کان وڌيڪ گهرن کي نقصان يا تباهه ٿيا ۽ 95 هزار ايڪڙ زرعي زمين ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي وئي.

ياد رهي ته افغانستان جي اوڀرين علائقن ۾ هلندڙ سال فيبروري ۾ برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 25 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔