اڳوڻي دفاع واري وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

پشاور: اڳوڻي دفاع واري وزير ۽  پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز خٽڪ پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن موجب پرويز خٽڪ پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن سان مشاورت به مڪمل ڪري ورتي آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پرويز  خٽڪ جي پيپلز پارٽي جي اعليٰ اڳواڻن سان اهم گڏجاڻي جو امڪان آهي.

ٻئي طرف ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي جا ڪجهه صوبائي اڳواڻ پرويز خٽڪ جي شموليت جي حق ۾ نه آهن، پرويز خٽڪ جي پ پ ۾ شموليت ۾ سڀني کان وڌيڪ رنڊڪ نوشهره کان ٿي رهي آهي.

مقامي پ پ اڳواڻ جو چوڻ  آهي ته پارٽي جي سياست ۾ ڳالهين جا دروازا هر وقت کليل رهندا آهن. ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي پرويز خٽڪ سان ڳالهيون جاري آهن پر ان ۾ شموليت جو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔