بجلي جي اگهن ۾ هڪ مهيني لاءِ 2 رپيا 94 پئسا في يونٽ واڌ جي تياري

مهانگائي سبب عوام تي هڪ ٻيو بجليءَ جو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته مارچ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست نيپرا کي جمع ڪرائي وئي آهي

 ذريعن موجب هڪ مهيني لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 94 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا طرفان درخواست تي ٻڌڻي جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي

ياد رهي ته فيبروري جي ايڊجسٽمينٽ ۾ نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 92 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي هئي، جڏهن ته جنوري جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 6 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي هئي

فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جو بار مارچ ۾ جنوري ۽ فيبروري جي ڀيٽ ۾ گھٽ ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔