پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مليل جليل رجحان

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ عيدالفطر جي موڪلن کانپوءِ پهرين ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي ئي واپار ۾ ڦيرو آيو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ واپار جي شروعات منفي هئي، جنهن کانپوءِ 100 انڊيڪس مثبت ۽ پوءِ منفي ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 156 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 70 هزار 157 جي سطح تي پهچي ويو.عيد الفطر جي موڪلن کان اڳ انڊيڪس 70,314 پوائنٽس تي بند ٿيو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر 3 پئسا سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 پئسا سستو ٿيڻ بعد 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو.عيدالفطر جي موڪلن کان اڳ گذريل واپاري ڏينهن جي پڄاڻي تي ڊالر 277 رپيا 93 پيسا تي هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔