ايراني حملي ۾ ايئربيس کي نقصان پهتو، اسرائيل جو اعتراف

يروشلم: اسرائيل تسليم ڪيو آهي ته ايراني حملي ۾ اسرائيلي ايئربيس کي نقصان پهتو، پنج ايراني ميزائلن سان نيواتيم ايئربيس کي نقصان پهتو.اسرائيلي حڪومت جو چوڻ آهي ته حملي ۾ اسرائيلي ايئر بيس جي ٽن رن ويز کي نقصان پهتو.ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بيس کي نشانو بڻايو ويو جتان دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته آمريڪي فوج اسرائيل تي حملي لاءِ موڪليل 80 کان وڌيڪ ڊرون ۽ 6 بيلسٽڪ ميزائل تباهه ڪيا آهن، جيڪي ميزائل ۽ ڊرون ايران ۽ يمن کان موڪليا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔