ايران جو اسرائيل تي حملو: سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا نتيجي ملتوي

نيويارڪ: ايران جي اسرائيل تي حملي کان پوءِ گهرايل گڏيل قومن جو سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن نتيجي جي ملتوي ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل، ايران تڪرار تي وڌيڪ بحث بعد ۾ ڪئي ويندي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گڏيل قومن جو اجلاس اسرائيل جي درخواست تي گهرايو ويو جنهن ۾ اسرائيل سلامتي ڪائونسل کان ايران حملي جي مذمت ڪندي ايران جي پاسداران انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو.

سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته ڪنهن به رياست جي علائقائي سالميت جي خلاف طاقت جي استعمال کان سختي سان منع آهي. وچ اوڀر تباهي جي ڪناري تي آهي. خطي کي تباهي آڻيندڙ جنگ جي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وقت اچي ويو آهي ته ڇڪتاڻ گهٽ ڪري وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب سفير رابرٽ ووڊ چيو ته سلامتي ڪائونسل ايران جي جارحانه قدمن جي مذمت ڪري ۽ سلامتي ڪائونسل ايران ۽ ان جي ڀائيوارن کان حملا بند ڪرائي. هن چيو ته آمريڪا ايندڙ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ايان کي جوابده بنائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻندو. ايران يا ان جا مددگار آمريڪا يا اسرائيل جي خلاف ڪارروائي ڪن ٿا ته ايران کي ذميوار سمجهيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔