پسند جي شادي جو ڪو خاص مزو نه آهي: درِفشان سليم

لاھور : پاڪستاني اداڪاره درفشان سليم پنهنجي پسند جي شادي جا نقصان ٻڌائي ڇڏيا،تازو ئي اداڪاره هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور نظر آئي. شو دوران هن پسند جي شادي جي حوالي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ ان جا 3 نقصان به ٻڌايو.اداڪارا چيو ته منهنجي نظر ۾ پهريون نقصان اهو آهي ته ٻه شاديون ڪندڙ ماڻهو آساني سان ملڻ وقت هڪ ٻئي کي ايترو سنجيده نه وٺندا آهن ۽ نئين شادي جي شروعاتي مهينن ۾ خواهش جو عنصر به نه رهندو آهي.درفشان سليم جي مطابق محبت جي شادي جو ٻيو نقصان اهو آهي ته پهرين لاٽ سان دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي.ٽيون ۽ آخري نقصان ٻڌائيندي اداڪارا چيو ته پسند جي شادي ۾ ڪو خاص مزو نه هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔