بلوچستان ۾ اڄ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي، ڪراچي ۾ 17 اپريل تي تيز برسات جو امڪان

ڪوئٽه: موسميات کاتي بلوچستان جي 16 ضلعن ۾ اڄ کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ 17 اپريل تي تيز برساتن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو ٻيون سلسلو 17 اپريل تي بلوچستان مان ڪراچي ۾ داخل ٿيندو. جنهن سان تيز برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته اڄ ڪراچي ۾ برسات جو امڪان نه آهي. پر موسم جهڙالو رهندو

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ صبح جو گرمي پد 23 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 80 سيڪڙو کان وڌيڪ هو.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيف ميٽرو لوجسٽ سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ اميد موجب برسات پئي. بلوچستان ۾ تيز برسات جو سلسلو هلي رهيو آهي. صوبي ۾ 16 اپريل جي رات کان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويندو مڪران ضلعي ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. اميد هئي ته اهو سسٽم سنڌ ۾ به پکڙجندو ۽ برسات پوندي.

سردار سرفراز ٻڌايو ته  جابلو علائقن ۾ فصلن جي لاءِ اها برسات فائديمند آهي. ميداني علائقن ۾ برسات سبب فصلن کي نقصان پهچڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته 2022 ۾ مارچ کان گرمي شروع ٿي وئي هئي. هن ڀيري ائين نه ٿيو. هن ڀيري گرمي پد معمول کان گهٽ رهڻ جي اميد آهي. اپريل جي آخري هفتي کان موسم گرم ٿيڻ جو امڪان آهي. گرمي ٿيندي پر وڌيڪ گرمي پوڻ جو امڪان نه آهي.

ٻئي طرف برسات وسائيندڙ مغربي هوائن جو سسٽم بلوچستان ۾ موجود آهي جنهن جي اثر سبب ڪوئٽه سميت مختلف شهرن ۾ کنوڻ سان وقفي وقفي سان برسات پئجي رهي آهي جڏهن ته بلوچستان جي 16 ضلعن ۾ اڄ به وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.

تيز برساتن سبب ڪوئٽه جي مختلف روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو، سيوريج جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو. بلوچستان جي وڏي وزير صورتحال جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته بلوچستان جا سمورا اسڪول اڄ ۽ سڀاڻي بند رهندا.

ٻئي طرف موسميات کاتي اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. جڏهن ته لوئر دير ۾ تيز برساتن سبب پنجگور درياءَ ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔