عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو: پيٽرول 8 ڊيزل 2 روپيه مهانگو ٿيڻ جو امڪان، حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن  ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي پر پيٽروليم شين جي قيمتن بابت اڃان تائين اوگرا طرفان ڪابه سمري نه آئي آهي.

عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ تبديلي ۽ وفاقي حڪومت طرفان ٽيڪس ۾ اضافي جي منصوبن کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب اڄ پيٽرول جي قيمت ۾ 8 روپيه في ليٽر اضافو ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي قيمت 298 روپيه في ليٽر تائين پهچي سگهي ٿي ان کان علاوه ڊيزل جي قيمت ۾ به 2 روپيه في ليٽر اضافي جو امڪان آهي. غير سرڪاري رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حڪومت پيٽروليم ليوي کي 60 روپين مان وڌائي 100 روپيه في ليٽر ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. حڪومت طرفان اڄ 15 اپريل جي رات جو پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جي اعلان جو امڪان آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم شيون ڪيتريون مهانگيون ٿي سگهن ٿيون. سمري کان اڳ ان تي ڪجهه چئي نٿو سگهي پر گذريل 2 هفتن دوران عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي فيصلو وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ ناڻي واري وزارت ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔