غير فعال ڪرڪيٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ختم

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ غير فعال ڪرڪيٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ختم ڪئي وئي آهي.پي سي بي جي ويب سائيٽ تي هاڻي صرف ٻه ڪميٽيون آهن، ڪميٽين ۾ سينيئر جونيئر نيشنل سليڪشن ڪميٽي، وومين نيشنل سليڪشن ڪميٽي شامل آهن.ڪرڪيٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ذڪا اشرف جي سربراهي ۾ جوڙي وئي، ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو سربراهه مصباح الحق، جنيد ظيمبر ۽ عثمان تسليم سيڪريٽري هئا. ڪميٽي جي سفارشن کي اهميت نه ڏيڻ تي محمد حفيظ کي ڪميٽي کان ڌار ڪيو ويو. ايشيا ڪپ کانپوءِ ۽ ورلڊ ڪپ کان اڳ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو آخري اجلاس سيپٽمبر ۾ ٿيو هو، جڏهن ته مصباح الحق به هڪ ٽي وي شو سان وابسته ٿيڻ کانپوءِ ڪميٽي ڇڏي ڏني هئي.ذڪا اشرف به ڪپتان ۽ ڪوچ جي تبديلي جو فيصلو ڪميٽي جي مشاورت کانسواءِ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔